ٺاروشاهه ۾ زميني تڪرار تان سارين جي ديري تي ستل هاري قتل، احتجاج

نوشهروفيروز/ ٺاروشاھه (رپورٽ: تنوير قريشي+ عتيق الرحمان)ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ مولھڻ ۾ سارين جي ديري تي ستل ھاري خادم  جسڪاڻي کي گھٽا ڏئي قتل ڪري رسو ڪنڌ ۾ ٻڌي لاش وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو جيئن صبح  سندس پٽ ماجد چانھ کڻي ويو ته ڏٺائين سندس پي وڻ ۾ ٽنگيوپيو آھي ھن جي دانھن تي ڳوٺاڻا پھتا جن لاش رڪشي تي کڻي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال پھچايو، ان  جي پٽ ماجد ميڊيا سا ن ڳالھائيندي ٻڌايو وڏيري فرحان سھتو ۽ عديل سھتو جو پاڻ ۾ تڪرار ھلندڙ ھو اسان کي عديل چيو ته زمين منھنجي آ، ساريون توھان کي کڻن نه ڏيندس منھنجي پيءُ کي چيو زمين تي سمھڻ ايندي ته تنھنجو لاش مائٽن کي ملندو اھڙي اين سي اسان ڪالهھ ٺاروشاهه ٿاڻي تي به ڪٽرائي ھئي اسان کي عديل سھتو، جاويد سھتو ۔۽شڪيل شاهه ساريون نه ٿا کڻڻ ڏين پر پوليس ڪجھه نه ڪيو اسان جو پيءُ رات انھن ماڻھن قتل ڪيو آھي، اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.