اڪثريت کانسواءِ اقتدار قبولڻ تي حڪمران ڦاسي پيا

اسلام آباد (نجم سيٺي) آرمي چيف جو مدو 5 سال ڪرڻ ۽ ججن جو انگ 34 ڪرڻ مان مطلب آهي ته حڪومت ۽ رياست عدليه جي حوالي سان ڪو موقعو نه پيا ڇڏين ان لاءِ هنن مڪمل هوم ورڪ ڪري اهو ڪم ڪيو ته جيئن عدليه نيوٽرل ٿي وڃي. هڪ اهو رخ به آهي ته پهريان عدليه جو لاڙو عمران خان ڏانهن سمجهيو ويندو هو پر ائين نه ٿئي جو هاڻي عدليه جو ٻئي پاسي رخ رکي ۽ حڪومت حامي ٿي وڃي ۽ سياسي انصاف نه ملي، ان حوالي سان خدشا موجود آهن. حڪومت خلاف ماڻهن کي عدليه مان سولو رليف نه ملندو، ان لاءِ 3 مهينا حراست ۾ رکڻ جهڙا قانون به اچي ويا آهن. سول سوسائٽي کي خدشو آهي ته هاڻي هو جنهن کي وڻي کڻي ويندا. عمران خان کي پنهنجون غلطيون مڃڻ گهرجن ته جيئن سڀني لاءِ رستا کلن پر ٻئي پاسي به جيڪي ويٺا آهن انهن کي به غلطيون مڃڻ گهرجن، کين اهو مڃڻ گهرجي ته جيئن عمران خان 2018 جون چونڊون نه کٽيون هيون تيئن پي ڊي ايم حڪومت به اليڪشن نه کٽي هئي. کين گهرجي ته جلد کان جلد چونڊون ڪرائين. پي ڊي ايم حڪومت ٺاهي هنن جو وڏو نقصان ٿي ويو آهي، هاڻي هي ڦاسي ويا آهن، جيڪڏهن حڪومت ڇڏين ٿا ته اڏي ويندا ۽ نٿا ڇڏين ته وڌيڪ تنقيد ٿئي ٿي ڇو ته آءِ ايم ايف پروگرام سخت آهي. کين مڃڻ گهرجي ته کانئن ڪهڙيون غلطيون ٿيون. سياستدان ايڪسٽينشن ڏيندا رهيا آهن، هي سڀ پاڻ گڏجي ويهن ۽ چون ته ايڪسٽينشن ناهي ڏيڻي ۽ اليڪشن ڪرائڻي آهي، عمران خان به ضد تان لهي ۽ چوي ته اقتدار ۾ اچي هو ڪجهه نه ڪندو ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 09 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.