جرنيلن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ريگستان بڻجڻ نه ڏينداسين: ساڃاهه وند

ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي ۽ عورتن جي حقن جي نمائندن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيوته وفاق ۽ پنجاب طرفان سنڌو درياءَ مان غير آئيني طور ڇهه ڪ.نال ڪڍڻ، چولستان ڪئنال ۽ سنڌ جو پاڻي چشمه ڪئنال ، ٿل ڪئنال وسيلي واڌو پاڻي جا ڪوڙا انگ اکر ٺاهي زبردستي ۽ ٺڳي سان سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۽ غير آئيني ،غير قانوني ادارن وسيلي سنڌو درياءَ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۽ سنڌ جي آباد زمينن کي يگستان بنائڻ خلاف ملڪ جي آئيني اداري گڏيل مفادن واري ڪائونسل ( سي سي آئي ) وٽ سنڌ جي پاڻي چوري جو ڪيس پيش ڪيو وڃي، سي سي آئي جو اجلاس طلب ڪيو وڃي، صدارتي هائوس مان جاري ڪيل 6 ڪئنالن واري حڪم نامي کي رد ڪيو وڃي، پاڪستان جي آئين ۾ پاڻي جي ورهاست ۽ پاڻي مسئلي کي بنيادي انساني حقن جي فقري ۾ شامل ڪيو وڃي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي سازش ختم ڪئي وڃي، سنڌ سميت هر صوبي کي آمريڪي رياستن وانگر پنهنجن شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي، سنڌ جي جاگرفيائي ۽ ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ جي سنڌ دشمن سازش ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجي ٽيڪس اوڳاڙڻ جو اختيار ڏنو وڃي. اها ڳالهه ڪالهه شام جو ٿنڪرس فورم سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۾ سنڌو درياءَ جو جياپو، خطرا ۽ چيلينجن جي موضوع تي منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته وفاق ۽ رياست سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۽ ان مان وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍ ڻ ، ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ بدين، ٺٽي ۽ سمنڊ ۾ روزانو 5 هزار ايڪڙ پاڻي ڇڏڻ ۽ گهربل پاڻي ڇڏڻ ۽ سنڌو درياءَ ۾ واڌو پاڻي هجڻ بابت ڪوڙي ڳالهائي سنڌ ڱي ريگستان بنائڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي چولستان جي قبضي هيٺ آيل زمينن کي سرسبز بنائڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ان جو صدارتي هائوس ۾ ويٺل صدر آصف علي زرداري ملوث آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي پاڻي جو ڪيس سي سي آئي وٽ کڻي  وڃي ۽ پاڻي بابت غير آئيني ادارن جي مداخلت ۽ فيصلا رد ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو پاڻي چوري ڪري 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي ، وفاق پاران پنجاب جي علائقي چولستان ۾ ڪينال ٺاھڻ لاءِ ٻه سئو ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آھي،. زين شاهه چيو ته ملڪ ۾ آئين جي ڪابه اهميت نه رهي آهي، ضياءِ الحق چيو هو ته آئين ڪاغذ جو ڍير آهي ۽ موجوده حڪمرانن وري انهن ڪاغذن کي ئي ساڙي ڇڏيو آهي ، هن چيو هاڻي اسٽبلشمينٽ هٿرادو نموني اسيمبلي ميمبر چونڊرائي رهي آهي ۽ ڪافي چونڊيل نمائندا ان ڳالهه تي حيران آهن ته انهن ٻين جي تڪن مان ووٽ ڪيئن.ووٽ  کنيا آهن، ايس يو پي اڳواڻ چيو ته سول ۽ 21، 22 گريڊ جا فوجي سربراهه ڪراچي ۾ اچي نون صوبن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ، پر ياد يکيو وڃي ته سنڌ جو عوام سنڌ جي ورهاست ۽ سنڌي قوم جي تبديلي جي سازش برداشت نه ڪندا ۽ سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ آمريڪا وانگر هر رياست جا الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ گهرجن،هن چيو ته اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽبلشمينٽ جي  نمائندن کي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو مسودو واپس ڪري ڇڏيو هو پر سنڌ جي جمهوري پارٽي جي صدر آصف علي زرداري سنڌ خلاف ان مسودي تي عمل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، زين شاهه چيو ته جيڪڏهن ٿل ڪئنال جا سمورا ٻيا منصوبا ختم نه ڪيا ويا ۽ وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍيا ويا تهن سنڌ جي سامونڊي پٽي جا هڪ ڪرُڙ ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا ، عمر ڪوٽ، ٺٽو بدين ۽ سميت سامونڊي ۽ زميني جهنگلي جيوت ختم ٿي ويندي ۽ سنڌ معاشي طور تباهه ٿي ويندو، پر اهو ياد رکيو وڃي ته اسان جي وڏڙن اسان کي خوشحال موج مستي وارو وهندڙ درياءَ ڏئي ويا آهن جنهن کي ريگستان ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ سخت مزاحمت ڪري به پنهنجي ايندڙ نسل کي وهندڙ سنڌو ورثي ۾ ڏئي وينداسين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رهندي، 17 نومبر کان وري ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا، سول سوسائٽي جي نمائندي ۽ ليکڪ نصير ميمڻ چيو ته ارسا رياست وٽ يرغمال ٿيل آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ( سي سي آئي ) هڪ مذاق بڻايو ويو آهي جنهن جا ٽن سالن ۾ ڪل ٻه اجلاس ٿيا آهن، هاڻي پاڻي مسئلي تي ان جو اجلاس طلب ڪيو وڃي، سنڌو جي پاڻي تي ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪالاباغ ڊيم تعمير ٿي چڪا آهن، هن چيو ته سنڌو درياءَ  ۾ پاڻي جي کوٽ جو نقصان بلوچستان ۽ پنجاب جي غريب هارين کي به ٿيندو، جنهن جي روڪٿام جو رستو عوامي مزاحمت ۾ ئي موجود آهي. نامور وڪيل شهاب اوستو چيو ته پاڻي جو 1991 وارو معاهدو آئي جي آئي جي نقلي حڪومت ڪيو هو جنهن ۾ سنڌ کي ڪافي نقصان برداشت ڪرڻو پيو هو، آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي سنڌ جو جر زهريلو بڻائي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ کي به ختم ڪيو ويو آهي، سي سي آءِ  پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري ۽ سينينٽ جي پاڻي ڪميٽي کي به سنڌ جي پاڻي ڪيس تي اجلاس گهرائڻ گهرجي. ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو چيو ته سنڌ جي پاڻي چوري جو ڪيس پاڪستان کان اڳ شروع ٿيو هو، هاڻي زبردستي سان پاڻي چوري ڪري سنڌ کي مڪمل طور ريگستان بڻائڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن سنڌو درياءَ مان ڪڍيل ڪئنال بند نه ڪيا ويا ته ۽ وڌيڪ 6 ڪئنال ٻيا به کوٽيا ويا ته ڏکڻ سنڌ لوڻ ۾ تبديل ٿي ويندي، سنڌ جا بچيل تمر جا وڻ به ڦٽي نه سگهندا ، ان ڪري سنڌ جون سمورين پارٽين سنڌو درياءَ جي قتل تي گڏ ٿين، ڇو ته جيڪڏهن سنڌ هوندي ته انهن جي سياست به هوندي.عورتن جي حقن جي اڳواڻ عظمه نوراني ڇيو ته پاڻي انساني حقن جومسئلو آهي، سنڌ جي پاڻي جي حقن کي ملڪ جي آئين ۾ موجود انساني حقن ۾ شامل ڪيو وڃي، سئو سرسبز پاڪستان نالي ۾ ته ڀلو لڳي ٿو پر ان سان ملڪ ۽ سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي ، چولستان ۾ جرنيلن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال کوٽيا پيا وڄن جتي پرويز مشرف سميت ٻين جرنيلن جون زمينون موجود آهن، ۽ انهن خلاف مزاحمٽ ٿيڻ گهرجي جيڪي پردي جي پويان ويهي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جا منصوبا ٺاهي رهيا آهن. ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شگفته اشتياق چيو ته سنڌو سڪڻ سان سنڌ جو پلو ۽ انڌي ٻلهڻ جو نسل ختم ٿي ويندو سنڌ جو سامونڊي علائقو تباه ٿي ويندو ۽ موسمياتي تبديلن سان سنڌ جي قدرتي ماحوليات تباه ٿي ويندو، عالمي موسمياتي تبديلين ڪري سنڌ تباهي جي در تي اچي ويندي. سيمينار ۾ حبيب الله ڪابورو،ھلچل جو چيف ايڊيٽر يونس مھر، وڪيل اڳواڻ شازيه نظاماڻي، آرٽيفشل انٽيليجنس تي سئزرلينڊ مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر خير بخش راڄپر. ليکڪ  انعام شيخ، پروفيسر سليم ميمڻ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.