اسلام آباد (م ڊ) جڊيشل ڪميشن فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج آئيني ڪيس ٻڌي سگهن ٿا. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ تي مشاورت ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي پاران پيش ڪيل تجويز کي منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججن کي 24 نومبر تائين آئيني بينچ جي ججن طور نامزد ڪيو ويو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان شرڪت ڪئي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته جسٽس جمال مندوخيل ٿوري دير لاءِ وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان بار جي نمائندي اختر حسين زال جي بيماري سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ تي تجويزون آيون آهن، جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 25 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو ته ايندڙ اجلاس تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج آئيني ڪيس ٻڌي سگهن ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڃا 12 ججن جون جايون خالي آهن. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شبلي فراز شڪايت ڪئي ته اسان ته دهشتگرد آهيون، ان تي چيف جسٽس مرڪندي چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو. قانون واري وزير کان صحافي سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته اجلاس ۾ دهشتگردي جو به ذڪر ٿيو ان تي هن جواب ڏنو ته هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ڳالهه ٿي، اوهان شرارت نه ڪريو. جڊيشل ڪميشن ميمبر شيخ آفتاب سوال تي چيو ته نه هو ته ملڪ جا سٺا شهري آهن، شڪايت ناهي ڪئي وئي پر خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، هلڪي انداز ۾ ڳالهيون ٿيون ته ڪنهن جواب ئي نه ڏنو. ذريعن موجب چيف جسٽس جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 25 نومبر تي ٿيندو.