ضمني مڪاني چونڊون: جماعت اسلامي جو پ پ تي ڌانڌلي جي منصوبابندي جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي پ پ تي ڌانڌلي جي منصوبابندي ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو.
جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 14 نومبر تي صوبي ۾ ضمني مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن، ڪراچي ۾ 10 سيٽن تي ضمني مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته پ پ اليڪشن ڪميشن سان گڏجي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌانڌلي جو منصوبو ٺاهيو آهي، اهي ڊڄن ٿا ته سندن ڪارڪردگي عوام سامهون نه اچي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، جنهن جا 14 ڪيس اڃا تائين ٽربيونلز ۾ هلي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.