واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي ڪمپني ”ٽيسلا“بابت افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته هو جلد اهڙي فون متعارف ڪرائڻ واري جنهن کي چارج ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي ۽ انٽرنيٽ به ڪڏهن بند نه ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مشهور آمريڪي ايلون مسڪ ٽيسلا تحت مختلف شين تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن مان هاڻي هو ”ٽيسلا پاءِ“ نالي اهڙو فون متعارف ڪرڻ وارو آهي جنهن جي سهولتن بابت تفصييل واهپيدارن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
اڪثر ماڻهو فون چارج ڪرڻ لاءِ پريشان هوندا آهن ۽ وري انٽرنيٽ نه هلڻ جي ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن پر هن فون کي چارج ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي.
اِها فون ڀلي اوهان جي کيسي ۾ پئي هجي پر اِها شمسي توانائي ( سولر) ذريعي پاڻ ئي چارج ٿي ويندي جڏهن ته فون لاءِ انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي به ضرورت نه هوندي ڇاڪاڻ ته هي ايلون مسڪ جي سيٽلائيٽ اسٽار لنڪ سان جُڙيل هوندي، پوءِ ڀلي اوهان وڃي چنڊ تي پهچو پر انٽرنيٽ سگنل نه ختم ٿيندا نه ئي ڪمزور ٿيندا.
واضح رهي ته ايلون مسڪ 2020ع ۾ پنهنجي اهڪ انٽرويو ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته سمارٽ فونز ۽ سمارٽ واچز پراڻي ڳالهه ٿي وئي آهي هاڻي نيورولنڪ جو دور آهي.
هن چيو ته هو اهڙي خيال تي ڪم ڪرڻ ٿو چاهي جنهن ۾ انساني دماغ اندر چپ وڌي وڃي جنهن سان ڊيوائسز کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
پر هڪ ٻئي انٽرويوءَ ۾ هن اهو به چيو ته شايد ڪمپني سمارٽ فونز تي ڪم ڪري پر سندس ذاتي راءِ آهي ته سمارٽ فونز تي ڪم ڪرڻ اجايو آهي.
انهن افواهن ۾ ڪيتري سچائي آهي ان جي ته اڃا تصديق ناهي ٿي پر واهپيدار اهڙي سمارٽ فون جو بي چيني سان انتظار ڪري رهيا آهن جيڪا پاڻ ئي چارج ٿيندي ۽ جنهن جا انٽرنيٽ سگنل ڪڏهن به متاثر نه ٿيندا.
You might also like