اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين طرفان نيپرا قانونن جي ڀڃڪڙي جا انڪشاف سامهون آيا آهن.
نيپرا دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊسڪوز گهٽ وولٽيج، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ فنڊن جو غلط استعمال ڪيو ۽ اٿارٽي کي غلط ڊيٽا فراهم ڪئي وئي.
دستاويزن موجب سرڪاري ۽ نجي شعبي جا پاور پلانٽ گهٽ صلاحيت تي هلايا ويا، ڪمپينون برساتن سان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگين جون به ذميوار نڪتيون.
گذريل 7 سالن دوران ڀڃڪڙين تي هڪ ارب 95 ڪروڙ 45 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ٿيو، نيپرا اٿارٽي ڊسڪوز ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري آءِ پي پيز تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪيا.
بجلي واهپيدارن تي وڌيڪ ڪيپيسٽي چارجز وجهڻ ۽ بجلي بليڪ آئوٽ تي به ڏنڊ لاڳو ٿيا، ٽرانسفارمرز تي اوور لوڊنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي به ڏنڊ لاڳو ٿيا.
اٿارٽي جي فيصلن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي تي به ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا، بجلي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي به ڏنڊ لاڳو ٿيا.
ذريعن موجب اٿارٽي کي لاڳو ڪيل مجموعي ڏنڊ جي رقم جو 50 سيڪڙو کان به گهٽ جمع ڪرايو ويو، اٿارٽي جي فيصلن خلاف اعليٰ عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، گذريل ڪيترن ئي سالن کان اٿارٽي جي فيصلن خلاف ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن.
Next Post
You might also like