شارٽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ موسيقي جي شوقينن لاءِ ”شيئر ٽو ٽڪ ٽاڪ“ نالي نئون فيچر پيش ڪري ڇڏيو.
ٽڪ ٽاڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ”شيئر ٽو ٽڪ ٽاڪ“ فيچر تحت شوقين ايپل ميوزڪ ۽ اسپاٽي فاءِ تان سڌي ريت ميوزڪ کي ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب ڄاڻايل فيچر موسيقي جي شوقينن جي خواهش کي ڏسندي متعارف ڪرايو ويو آهي، ان سان ميوزڪ جي شوقين ماڻهن کي پنهنجي پسند جا گانا ٻين سان وڏي پئماني تي شيئر ڪرڻ جو موقعو ملندو.
فيچر تحت واهپيدار ايپل ميوزڪ يا اسپاٽي فاءِ تان گانن کي فيڊ سميت پنهنجي اسٽوريز ۾ به شيئر ڪري سگهندا.
ان کانسواءِ ٻنهي پليٽ فارمز تان گانن کي ڊائريڪٽ ميسيجز (ڊي ايمز) ۾ به موڪلي سگهجي ٿو.
شيئر ٽو ٽڪ ٽاڪ فيچر تحت واهپيدار نه رڳو هڪ گانو پر پلي لسٽس ۽ سمورو ايلبم به رليز ڪري سگهندا.
شوقينن کي ڪنهن به آڊيو سانگ کي شيئر ڪرڻ وقت ڪا تصوير گڏ شامل ڪرڻي پوندي، جنهن سان ايپل ميوزڪ ۽ اسپاٽي فاءِ تان گانو سڌي ريت ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ٿي ويندو.
شيئر ٽو ٽڪ ٽاڪ فيچر کي 7 نومبر تي پيش ڪيو ويو پر فوري طور تي ڄاڻايل فيچر تائين سڀني واهپيدارن کي پهچ ناهي ڏني وئي، ترتيب وار سڀني واهپيدارن کي ان تائين پهچ ڏني ويندي.
Next Post
You might also like