اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٻاهرئين ملڪ ويندڙن کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو مسئلو حل ٿي ويو.
نئين جديد پاسپورٽ پرٽنرز جي انسٽليشن جو عمل مڪمل ٿي ويو، نوان پرنٽر اچڻ سان پاسپورٽ کاتي جي پرنٽنگ جي صلاحيت ٻيڻي ٿي وئي.
پاسپورٽ اينڊ اميگريشن اختيارين جو چوڻ آهي ته 10 نون پرنٽرز جي مدد سان پروڊڪشن صلاحيت ٻيڻي ٿي وئي ۽ هاڻ روز جي بنياد تي 40 هزار پاسپورٽ پرنٽ ڪيا پيا وڃن، ان کان اڳ روز 20 هزار پاسپورٽ پرنٽ ڪرڻ جي صلاحيت هئي.
ڊي جي پاسپورٽس مصطفيٰ جمال قاضي ٻڌايو ته وڌيڪ 7 جديد مشينون جلد پاسپورٽس هيڊ ڪوارٽر پهچي وينديون، اي پاسپورٽس جي پرنٽنگ لاءِ به ٻه پرنٽر گهرايا ويا آهن.
You might also like