ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ٽي جون برآمدون ايندڙ 3 سالن ۾ 25 ارب ڊالر تائين پهچڻ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.
وزيراعظم شهباز شريف سان پرڏيهي ڪمپني جي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ به تيز موبائل انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، فائيو جي سروسز جي سان ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو.
هن چيو ته ڪيش ليس ۽ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ ٽيلي ڪام سيڪٽر جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي.
پرڏيهي وفد ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ اهم ملڪ بڻجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.