”اسان ته دهشتگرد آهيون“ جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شبلي فراز جي شڪايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج آئيني ڪيس ٻڌي سگهن ٿا.
چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ تي مشاورت ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شبلي فراز شڪايت ڪئي ته اسان ته دهشتگرد آهيون، ان تي چيف جسٽس مرڪندي چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ موجب جسٽس جمال مندوخيل ٿوري دير لاءِ وڊيو لنڪ تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان بار جي نمائندي اختر حسين زال جي بيماري سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.
هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ تي تجويزون آيون آهن، جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 25 نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو ته ايندڙ اجلاس تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج آئيني ڪيس ٻڌي سگهن ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڃا 12 ججن جون جايون خالي آهن.
قانون واري وزير کان صحافي سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته اجلاس ۾ دهشتگردي جو به ذڪر ٿيو ان تي هن جواب ڏنو ته هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ڳالهه ٿي، اوهان شرارت نه ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.