گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ نالو لکرائيندڙ ڪڪڙ جي شڪل وارو هوٽل!

توهان هوٽلن ۾ ته ڪڪڙ ڏٺا هوندا ۽ کاڌا به هوندا پر شايد توهان ڪنهن ڪڪڙ ۾ هوٽل اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺو هوندو، اهو فلپائن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
فلپائن جي ريزورٽ ۾ هڪ وڏي ڪڪڙ جهڙي عمارت آهي، ان ڪڪڙ جي شڪل جي ٺاهيل هڪ هوٽل گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ جاءِ ٺاهي آهي.
نيگروس آڪسيڊينٽل ۾ موجود ڪيمپيسو ستوهان هاءِ لينڊ ريزورٽ تقريبن 115 فوٽ اوچو آهي ۽ ان ۾ 15 ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرا آهن.
هوٽل جي مالڪ ريڪارڊيوڪينو گوپوٽين موجب اها جي خواهش هئي ته هيءَ عمارت سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي، ڪڪڙ جي شڪل جي عمارت مقامي ثقافت کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ جهڙي آهي.
هن چيو ته نيگروس اوڪسيڊينٽل شهر ۾ اصل ڪڪڙن جي ڪاروبار سان لکين ماڻهو سلهاڙيل آهن ۽ جيڪڏهن توهان ڪڪڙ کي ڏسندئو ته اهو پرسڪون، ڪمانڊنگ ۽ مضبوط نظر ايندو آهي، جيڪو اسان جي ماڻهن جي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.