اسلام آباد(طلعت حسين)اڳوڻي صدر عارف علوي اليڪشن ۾ ڪاميابي تي ٽرمپ کي خط ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي ان مان لڳي ٿو ته ڄڻ ٽرمپ سندن خاندان جو هجي،پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي تي آمريڪاپرستي ڇانيل آهي،اها نئين آمريڪي صدر جي اچڻ سان بغل وڄائي رهي آهي،سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ به ڪري رهي آهي ته فلاڻي وزير ٽرمپ خلاف ڪيل ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي آهي،پي ٽي آءِ کي احساس ئي ناهي ته سڀ کان اهم خبر ٽرمپ جي ٻيهر تاريخي ڪاميابي ناهي، پاڪستان جي زاوئي سان ڏسجي ته اها خبر آرمي چيف جنرل عاصم منير جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات جي آهي،سعودي حڪومت به ان ملاقات جي خبر کي پروٽوڪول سان ميڊيا تي شايع ڪرايو آهي،سعودي سرڪار ان خبر کي پهرين جاري ڪيو بعد ۾ آءِ ايس پي آر پريس رليز جاري ڪئي،ان مان ترجيح واضح ٿئي ٿي،پي ٽي آءِ جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪڻ ۽ مقرري بعد کيس تڪراري بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي،سعودي عرب آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري فيصلي جي توثيق ڪئي آهي،