سنڌ دشمن منصوبن خلاف 24 نومبر تي ڌرڻو هڻنداسين:صنعان قريشي

پليجاڻي (رپورٽ: واحد جان مري) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ دشمن منصوبن  خلاف 24 نومبر تي سڪرنڊ بائي پاس تي ڌرڻي ۾ لکين غيرتمند سنڌي گڏ ٿي سنڌو جي مالڪي جو ثبوت ڏيندا، سنڌو سنڌين جو جياپو آھي، سمورين سنڌي قوتن کي احتجاج جو سڏ ڏيون ٿا. اهڙو اظهار هن ڪالهه شاھد شيخ جي رھائشگاهه تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن جو چوڻ ھو ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪئنال قبول ناھي، چولستان ڪئنال سنڌ سڪائڻ جو منصوبو آهي، جيڪو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي. هن چيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو ھن سنڌ دشمن رٿا خلاف روڊن رستن تي احتجاج ڪندو. ھن چيو سنڌ دشمن منصوبي خلاف جسقم 24 نومبر تي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي رھي آھي، سنڌ جي سمورين سياسي قوتن توڙي سمورن غيرتمند سنڌين کي سڏ ڏيون ٿا ته اچو ھي وقت آھي، سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجھد جو اچو سنڌو تي ڌاڙي خلاف اسان سان گڏ ٿي سنڌو سان وچن ورجايو. ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، نورمحمد ڀينڊو، رشيد ڏيٿو، سجيل سنڌي، مظھر انڙ، ذوالفقار ڏيٿو، شھزاد سنڌي ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.