سنڌوءَ تي ڌاڙي معاملي تي مير،پير،سردار خاموش آهن:قادر مگسي

ھالا(رپورٽ:عاقل ابڙو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي هالا پريس ڪلب ۾ صحافين  سان ڳالهائيندي چيو  آھي ته چولستان کي آباد ڪرڻ سان سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. اگر وفاق پنھنجي ھوڏ تان نه لٿو سنڌ جو ھر ماڻھو سراپا احتجاج بڻجي ويندو. ھن چيو ته سنڌ ۾ صحت، تعليم تباھ آھي جڏھن ته امن امان ۽ ڌاڙيل ڪلچر نانگ وانگر چنبڙيل آھي. ھن چيو ته سنڌوءَ جي پاڻي تي سنڌ جي ڇھ ڪروڙ ماڻھن جو جياپو آھي اگر پاڻي بند ٿيو ته سنڌ ڇهھ ڪروڙ ماڻھن جي اجتمائي قبر بڻجي ويندي. ھن چيو ته اسان چاھيون ٿا ته پيپلزپارٽي ٿل ڪينال ۽ چولستان ڪينال جي خلاف قرارداد پيش ڪري ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل نمائندا ان جي خلاف ڳالھائين. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ھر ماڻھو جي اھا ذميواري بڻجي ٿي ته ھو پنھنجو درياءُ. ڪئنال ۽ زمينون بچائڻ لاءِ ٻاھر نڪري ڇو ته مير پير وڏيرا سڀ آرامي آھن انھن کي پنھنجو حصو گھر ويٺي ملي پيو. ان موقعي تي عبدالفتاح ڳاھوٺي. قربان ارباب. شاھد لغاري. غلام حيدر نظاماڻي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.