ڪراچي/ملير (رپورٽر ) عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي گڏجاڻي ضلعي صدر پرھ سومرو جي صدارت ۾ ٿي. جنھن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خصوصي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل عظيم الشان ريليجي حوالي سان رٿا بندي ڪئي وئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته شهباز حڪومت آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ وارو بل پاس ڪري جمهوريت جو قتل ڪيو آهي. ان قانون سازي وسيلي جمهوريت کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. شهباز حڪومت مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري بڻيل آهي. پارليامينٽ مان عوامي ڀلائي جي ڪا به قانونسازي ناهي ٿي. موجودہ هائبرڊ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئين کان مٿاهين قانونسازي ڪئي پئي وڃي. گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ علي محمد ڪلمتي،ايڊووڪيٽ خالد تنيو، نظير ميمڻ، عزيز لانگاھ، زبير نوناري، مير نوروز ڪلمتي، شاني سومرو، زوھيب ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.