اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف موجب پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير نومبر 2027 تائين ان عهدي تي رهندو، جيڪو نظام کي تسلسل ڏيندو. ان حوالي سان بي بي سي اردو جي نمائندي عماد خليق سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير چيو ته جنرل عاصم منير کي نومبر 2022ع ۾ مقرر ڪيو ويو هو، هاڻي آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ هو نومبر 2027 تائين آرمي چيف رهندو. خواجا آصف چيو ته ماضي ۾ ايوب خان کان وٺي جنرل باجوه تائين تقريبن سمورن آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ٿي هئي پر هاڻي اسان هٿياربند فوج جي ٽنهي هٿيارن لاءِ قانون ٺاهيو آهي. اسان ان ۾ ڪوبه فرق نه ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ واڌ جو عمل ايوب خان جي دور ۾ شروع ٿيو. ان کانپوءِ 8، 9 آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي. ان سوال تي ته اهو ضروري ڇو پيو، خواجه آصف چيو ته موجوده صورتحال ۾ تسلسل جي ضرورت آهي ۽ ضروري آهي ته جيڪو به هٿياربند فوج جو سربراهه هجي اهو پنجن سالن جي مدي وانگر مناسب وقت تائين خدمتون سرانجام ڏئي. اسيمبليءَ ۽ ٻين ادارن جي ته جيئن هو بهتر دفاع جي منصوبابندي ڪري سگهي.