اسلام آباد(م ڊ) 26هين آئيني ترميم خلاف فل ڪورٽ بينچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيف جسٽس کي خط به لکيو، خط ۾ چيو ويو ته 31 آڪٽوبر جي ڪميٽي ميٽنگ ۾ 26 هين ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، خط ۾ چيو ويو ته ڪميٽي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪيس 4 نومبر تي فل ڪورٽ ٻڌندي، ڪميٽي جي فيصلي باوجود ڪابه ڪاز لسٽ جاري نه ٿي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هن هفتي 26 هين ترميم خلاف درخواستون فل ڪورٽ اڳيان لڳايون وڃن، ٻنهي ججن 31 آڪٽوبر جا ميٽنگ منٽس رجسٽرار کي ويب سائٽ تي جاري ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، خط ۾ چيو ويو ته 2 رڪني ججز ڪميٽي جو فيصلو اڃا به برقرار آهي، ان فيصلي تي عمل درآمد ڪندي ڪاز لسٽ جاري ڪرڻ گهرجي.