سپر طاقت جي حڪمراني لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس ۾ سخت مقابلو

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪا جو نئون صدر ڪير ٿيندو؟ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي، آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ شروع ٿي وئي آهي، ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس ۽ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ سخت مقابلو آهي. جتي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن پيا. پولنگ واري ڏينهن کان اڳ ئي 7 ڪروڙ ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن. آمريڪا جي سمورن سوئنگ رياستن ۾ صدارتي چونڊن لاءِ ووٽنگ شروع ٿي وئي آهي ۽ پولنگ انگن اکرن موجب ڪملا هيرس کي پينسلوانيا جهڙي اهم رياست ۾ ٿوري برتري حاصل آهي. آمريڪي سياسي پنڊتن موجب پينسلوانيا اها سوئنگ اسٽيٽ آهي جيڪا صدارتي چونڊن ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ڪمالا هيرس ٻنهي گذريل هفتن ۾ هتي تمام گهڻو وقت گذاريو آهي. سڀني ستن سوئنگ رياستن ۾، ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ڪمالا هيرس ٻنهي کي هڪ ٻئي تي برتري حاصل آهي. ان ڪري اهو چوڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي ته ايندڙ آمريڪي صدر ڪير هوندو. پولنگ انگن اکرن موجب نيواڊا، جارجيا، نارٿ ڪيرولينا ۽ ايريزونا ۾ ٽرمپ کي برتري حاصل آهي، جڏهن ته مشي گن ۽ وڪوسنسن ۾ ڪملا هيرس کي برتري حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.