اسلام آباد (حماد حسن) وقتي صدر جي 6 بلن تي صحيحن کانپوءِ اهي قانون بڻجي ويا آهن ۽ هاڻي انهن ماڻهن خلاف سخت اپاءَ ورتا ويندا جيڪي سسٽم کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، کين هائوس اريسٽ به ڪري سگهبو. شاهراهه دستور، پنڊي ۽ پارليامينٽ ويجهو اچي رهيا آهن. هڪ ٻه ماڻهو ڪجهه به ڪندا ته انهن خلاف وڌيڪ سختي ڪئي ويندي. پارليامينٽ کي اڳتي وڌڻ جو چيو ويو آهي. پي ٽي آءِ لاءِ ڪا به نرمي نه هوندي ۽ عمران خان جي آزادي جو به ڪو امڪان ناهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ ملڪ جي ڀلائي واري پاليسي تي آئي ته پوءِ کين ڪجهه رليف ملي سگهندو. نواز شريف ملڪ واپس اچڻ کانپوءِ سياسي طور پهريون ڀيرو سرگرم نظر ايندو. ٻين پارٽين جا ماڻهو به ميدان ۾ لهي سگهن ٿا. علي امين گنڊاپور جي حڪومت گهڻي دير هلندي نظر نٿي اچي.