اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 26هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ بئنچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو.
26هين آئيني ترميم تي فل ڪورٽ بئنچ لاءِ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکيو آهي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيف جسٽس کي خط لکي ججز ڪميٽي جي فيصلي موجب 26هين ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو چيو آهي.
ٻنهي سينيئر ججن خط ۾ چيو آهي ته 31 آڪٽوبر جي ڪميٽي ميٽنگ ۾ 26هين ترميم جو ڪيس فل ڪورٽ ۾ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر ڪميٽي فيصلي باوجود ڪا ڪاز لسٽ جاري نه ٿي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻن ججن اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته 26هين ترميم خلاف ڪيس 4 نومبر تي فل ڪورٽ ٻڌندي ۽ 2 رڪني ججز ڪميٽي جو فيصلو هاڻ به برقرار آهي.
ججن طرفان لکيل خط موجب ڪميٽي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تي عملدرآمد ڪندي ڪازلسٽ جاري ڪرڻ گهرجي ۽ هن ئي هفتي 26هين ترميم خلاف درخواستون فل ڪورٽ سامهون لڳايون وڃن.
ٻنهي ججن پنهنجي خط ۾ 31 آڪٽوبر جي ميٽنگ جا منٽس رجسٽرار کي ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
You might also like