اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ قائم ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بئنچ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن ۾ آئيني بئنچ جو فيصلو 7 ۽ 5 جي شرح سان ٿيو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور، جسٽس منيب، عمر ايوب ۽ شبلي فراز امين الدين خان جي سربراهي ۾ بئنچ جوڙڻ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته باقي ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب مان جسٽس امين الدين، جسٽس عائشا ملڪ، سنڌ مان جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، بلوچستان مان جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان، جڏهن ته خيبر پختونخواهه مان جسٽس مسرت هلالي کي بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
You might also like