اسلام آباد (بيورورپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته سمورا ڪيس آئيني بئنچن ۾ نه کڻي وڃو، ڪجهه ڪيس اسان وٽ به رهڻ ڏيو. سوئي ناردرن گئس طرفان اوور بلنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي. درخواست گذار وڪيل چيو ته ان ڪيس جي نظرثاني تي التوا آهي، 26هين ترميم کانپوءِ هاڻ اهو ڪيس آئيني بئنچ ۾ ويندو. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس ۾ ڪو آئيني يا قانوني سوال موجود آهي، سمورا ڪيس آئيني بئنچن ۾ نه کڻي وڃو. سپريم ڪورٽ جي فاضل جج مسڪرائيندي ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه ڪيس اسان وٽ به رهڻ ڏيو. عدالت سوئي ناردرن جي واڌو بلنگ واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو ۽ چيو ته التوا هيٺ نظرثاني ڪيس ۾ درخواست گذار سوال اٿاري سگهن ٿا.