اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) جماعت اسلامي پاڪستان 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان 26هين آئيني ترميم خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.حافظ نعيم الرحمان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 26هين آئيني ترميم آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف آهي، ان ڪري ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواستگذار استدعا ڪئي ته ٻڌايو وڃي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري سينيارٽي جي اصول تي ئي ممڪن آهي، پارلياماني ڪميٽي طرفان چيف جسٽس جي مقرري غير آئيني آهي.جماعت اسلامي طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو ته 26هين آئيني ترميم اختيارن جي ورهاست جي اصول جي خلاف آهي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته 26هين آئيني ترميم بنيادي آئيني اصولن، قرارداد جي مقصدن ۽ بنيادي حقن سان به واسطو نٿو رکي.درخواستگذار وڌيڪ چيو ته جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي جوڙجڪ ۾ تبديلي ۽ آئيني بينچن جي قيام جي طريقيڪار کي به آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏنو وڃي.