پاناما جاچ ۾ فوجي عملدارن کي شامل ڪرڻ جو اعتراف

اسلام آباد(فخر دراني/ عمر چيما) پاناما جي 5 رڪني بينچ ۾ شامل سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس اعجاز افضل خان، فخر دراني کي انٽرويو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن پاناما پيپرز ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بابت پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته جي آءِ ٽي ميمبرن جي چونڊ سپريم ڪورٽ جي ججن ڪئي هئي، هن ن ليگ حڪومت جي مداخلت کي روڪڻ لاءِ واٽس ايپ ڪالون ڪرڻ ۽ جاچ ۾ فوجي عملدارن کي شامل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو، هن چيو ته اسان ڪي مخصوص نالا نه گهريا هئا، صرف غير جانبداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سٺي حيثيت جي آفيسرن جي فهرست ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، هن واضح ڪيو ته جسٽس عظمت سعيد شيخ ذاتي طور فون نه ڪيو پر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي هدايت ڪئي ته کاتن کان پڇا ڪئي وڃي ته ڀروسي وارن اعليٰ آفيسرن جا نالا تجويز ڪيا وڃن، هن چيو ته اسان واٽس ايپ وارو ڪم ان لاءِ ڪيو هو ته اسان کي شڪ هو ته حڪومت پنهنجا ماڻهو آڻيندي اسان چاهيو ته ميمبر آزاد هجڻ گهرجن پر ائين به ٿيندو آهي ته جيڪي حڪومت جا ماڻهو ناهن هوندا اهي ڪنهن ٻئي جا ماڻهو هوندا آهن، ان ڪيس ۾ اسان واٽس ايپ وارو ڪم ان لاءِ ڪيو هو. اسان آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جا برگيڊيئر ان لاءِ رکيا هئا ڇو ته آءِ بي جا ماڻهو نواز شريف جا ويجها سمجهيا وڃن ها. اعجاز افضل موجب جج رهڻ دوران هڪ ڀيرو هڪ جنرل سان مليو آهيان جڏهن مان پشاور ۾ چيف جسٽس هيس ته ڪور ڪمانڊر مون سان ملڻ چاهي پيو ۽ هڪ برگيڊيئر آيو. مان کيس چيو ته مان سندس پنهنجي چيمبر ۾ انتظار ڪندس، مان ڪور ڪمانڊر هائوس نه ويندس، پوءِ هڪ موقعي تي جڏهن ڪور ڪمانڊر آيو ته ٻنهي وچ ۾ تڪرار ٿيو، ڪور ڪمانڊر چيو ته اسان ماڻهو پڪڙيون ٿا ۽ اوهان ڇڏي ڏيو ٿا. چيف جسٽس چيو ته اسان قانون موجب ڪم ڪريون ٿا. ڪور ڪمانڊر چيو ته قانون تي هلندي اوهان ڪهڙو انقلاب آندو آهي، چيف جسٽس چيو ته ثبوت کڻي ايندا ته اسان انهن کي نه ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.