ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي نجڪاري وڏو سواليه نشان بڻجي ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جي پرائيويٽائيزيشن جي نيلامي ۾ تمام ٿورا ماڻهو شامل هئا ۽ هڪ جي واڪ ڏيڻ بعد سڀ واپس هليا ويا. حڪومت جو ڪم ادارا هلائڻ آهي ۽ جيڪڏهن ادارا بار بڻجي ويا آهن ته پوءِ آءِ پي پيز جي حوالي سان ڇا خيال آهي؟، زميندارن توڙي آءِ پي پيز کان ٽئڪس ڇو نه پيو ورتو وڃي، ڪرپٽ ماڻهن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته هي اسيمبلي ڪرپٽ ۽ فارم 47 جي پيداوار آهي، 26هين آئيني ترميم پاس ڪرائي وئي، هي ترميم عدليه ۽ جمهوري آزادي تي حملو آهي، اسان سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي، اسان جو مطالبو آهي ته فل بينچ جوڙيو وڃي، هن چيو ته جماعت اسلامي پاران ڪيس جي ڀرپور پيروي ڪئي ويندي، هي سڀ ماڻهو پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ۾ ملوث آهن.