اسلام آباد ۾ به امن امان جي صورتحال ڪراچي جهڙي آهي: جسٽس عامر فاروق

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ عامر فاروق وفاقي راڄڌاڻي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو  اظهار ڪندي چيو آهي ته منهنجي سڃاڻپ وارن کي به ڀُتي جون پرچيون ملي رهيون آهن.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فوڪل پرسن انتظار پنجوٿا جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ علي بخاري عدالت کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ رات جو آءِ جي اسلام آباد جو فون آيو هن ٻڌايو ته بازيابي ٿي وئي آهي مون ڪوهسار ٿاڻي تي وڃي انتظار پنجوٿا کي ورتو پر انهي جي حالت بهتر نه هئي. ايڊووڪيٽ علي بخاري چيو ته مان  نٿو ٻڌائي سگهان ته اهو ڪهڙو لمحو هو جڏهن مان انتظار پنجوٿا کي ڏٺو انهي جي حالت بهتر نه هئي. اهو واقعو سڀاڻي ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. اسان کي انهي معاملي کي ڏسڻ گهرجي، انتظار پنجوٿا هن وقت لاهور ۾ آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هن وقت بازياب ٿيل وڪيل جي ذهني ۽ جسماني حالت اهڙي نه آهي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پوليس انهي معاملي جي مڪمل جاچ ڪري. هن چيو ته هڪ مهذب معاشري ۾ اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي. ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب اوهان به ڏسو ته گم ٿي ويلن جا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن؟ اسان انهي کي اغوا براءِ تاوان جي واقعي طور تي ئي ورتو پر ان باوجود واقعن جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.