حڪمران سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھيا آھن: اياز لطيف

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا، زمينون ۽ پاڻي وڪڻي رھيو آھي، سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ٺھيا ته سنڌ ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿي ويندي، ارسا سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھي، حڪمرانن سنڌ جي آبادگارن جو ھٿ وٺي معاشي قتل ڪري رھيا آھن اڃان تائين شگر ملن چمنيون نه ٻاريون آهن، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي نٿو چاهي ته سنڌ جا آبادگار ۽ ھاري خوشحال ھجن، ھٿ وٺي سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين کي تباھ ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت فوري طور ڪمند جو 600 روپيا في مڻ سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ۽ سنڌ جون شگر ملز ھلايون وڃن ته جنھن وقت سر ڪڻڪ ۽ ٻيا چيٽي فصل پوکجي سگھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.