قومي اسيمبلي ۾ گوڙ، عطا تارڙ ۽ شاهد خٽڪ هٿين پئجي ويا

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جو شاهد خٽڪ ۽ ن ليگ جو عطا تارڙ هٿين پئجي ويا. قومي اسيمبلي  اجلاس ۾ حڪومت طرفان مختلف بل ضمني ايجنڊا ذريعي آندا ويا، جنهن دوران اپوزيشن گوڙ ڪيو، اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو شاهد خٽڪ ۽ ن ليگ جو عطا تارڙ هٿين پئجي ويا، حالتون خراب ٿيڻ تي سارجنٽ ايٽ آرمز ايوان ۾ داخل ٿي ويا. ايوان ۾ ٻنهي پاسن کان سخت نعريبازي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.