منشيات جو واھپو ھاڻي فيشن بڻجندو پيو وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته منشيات ھن وقت اسان جي معاشري جو اھم ۽ تمام وڏو  چئلينج آھي،  بدقسمتي سان سڄي ملڪ ۾ منشيات جي فراهمي ۽ واھپو وڌي رھيو آھي، منشيات جو واھپو ھاڻي فيشن بڻجندو پيو وڃي، ايليٽ سوسائٽي ۾ ڪوڪين جي نشي کي اھم سمجھيو ويندو آھي، ڪوڪين، چرس، ھيروئن سان گڏ ھن وقت سڀني کان وڏو چئلينج آئس ۽ ڪرسٽل آھن، سنڌ اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽس تي گفتگو ڪندي شرجيل ميمڻ چيو آھي ته اسان سڀني کي گڏجي منشيات جي  لعنت جو مقابلو ڪرڻو آھي. ھن چيو ته ٽي وي چينلز جا ڪرائيم رپورٽرز ۽ بيٽ رپورٽرز به منشيات جي نشاندھي ڪن، ڪارروائي اسان ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.