آمريڪا جو صدر ڪير، ٽرمپ يا ڪملا؟ اڄ دنگل

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جو 47 هون نئون صدر ڪير ٿيندو؟ چونڊ مهم جو اڄ آخري ڏينهن آهي، آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس ۽ اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، آمريڪي صدارتي چونڊن جي مهم پنهنجي آخري ڏينهن ۾ داخل ٿي رهي آهي، ان حوالي سان سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، بيلٽ باڪس، بيلٽ پيپر ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون پولنگ اسٽيشنن تي پهچايون ويون آهن، رياست پينسلوانيا چونڊ جنگ جو ميدان بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ ٻئي اميدوار ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائي رهيا آهن، ٻئي اڄ پينسلوينيا جو رخ ڪندا، ڪملا هيرس اڄوڪو ڏينهن پينسلوانيا ۾ گذاريندي ۽ سڀ کان وڏي شهر فلاڊيلفيا ۾ هڪ وڏي  ريلي ڪڍندي،  جنهن ۾ ڳائڻي ليڊي گاگا ڳائيندي نظر ايندي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪيرولينا، پينسلوانيا ۽ پوءِ مشي گن جو دورو ڪندو، صدارتي چونڊن ۾ 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جڏهن ته 7 ڪروڙ ماڻهو پولنگ ڏهاڙي کان اڳ ئي ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن، اليڪٽورل ڪاليج ۾ ڪملا هيرس کي مجموعي طور تي 224 ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي 219 ووٽ ملڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، آمريڪي مسلمانن ٻنهي صدارتي اميدوارن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ٻيهر آمريڪي صدر چونڊجي ويو ته هو شڪست کانپوءِ ٻيهر چونڊ کٽيندڙ ٻيو آمريڪي صدر بڻجي ويندو. ان کان اڳ صرف گروور ڪليولينڊ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، ڪملا هيرس جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ کٽي ويو ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.