اسلام آباد(عاصمه شيرازي)عدليه ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جو ڳٺ جوڙ ختم ٿي چڪو آهي،اهو ڳٺ جوڙ هاڻي ”ٻين هٿن“ ۾ هليو ويو آهي، هن نظام کي پي ٽي آءِ کان وڌيڪ عدليه پاران مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،پي ٽي آءِ کي عدالتن مان سڀ کان وڌيڪ رليف ملي پيو،عدليه اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه اختيارن تي حددخلي ڪري چڪي آهي،هن نظام جي هلڻ يا نه هلڻ جو فيصلو اڄ ٿي ويندو، جڊيشل ڪميشن جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي،ڪميشن ۾ حڪومت ميمبرشپ جي حوالي سان حاوي آهي،ڏسجي ته آئيني بئنچ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن ڪهڙن ڪهڙن ججن جا نالا تجويز ڪن ٿيون، هن وقت جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال مندوخيل جا نالا گردش ۾ آهن،چيف جسٽس يحيٰ آفريدي به مضبوط اميدوار طور سامهون اچي سگهي ٿو،حڪومت ۽ هي نظام سمجهي ٿو ته جسٽس يحيٰ آفريدي تڪراري ناهي،هن تي گهڻا اعتراض ناهن،اپوزيشن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر کي نامزد ڪري سگهي ٿي،ان موقعي تي جسٽس يحيٰ آفريدي جو ڪردار ڏسڻ وٽان هوندو، هو منصور علي شاهه ڏانهن ويندو ؟ يا ٻئي ڪنهن ڏانهن ويندو؟اليڪشن آڊٽ،انٽرا پارٽي چونڊن وارو ڪيس،ملٽري ڪورٽ جو معاملو آئيني بئنچ کي ڏسڻو آهي،آئيني بئنچ جو سربراهه اهم هوندو، يحيٰ آفريدي پنهنجي 50 سال پراڻي دوست ڏانهن ويندو؟ حڪومت ڏانهن جهڪاءُ رکندو؟هو پنهنجا نالا کڻي اچي ٿو يا پنهنجن ئي ساٿين مان ڪنهن کي چونڊيندو؟ اهو اڄ واضح ٿي ويندو،جيڪڏهن يحيٰ آفريدي آئيني بئنچ جو سربراهه ٿيو ته حڪومت لاءِ سک جي گهڙي هوندي ٻي صورت ۾ ”نظام“ کي گهڻا چئلينج درپيش ٿي سگهن ٿا،هن وقت تائين يحيٰ آفريدي پاڻ کي عدليه جي گروپنگ کان بچائيندو آيو آهي پر اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هوندي