ايڪسائيز کاتي جي 175 ملين جو آڊٽ رڪارڊ نه ڏيڻ تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين نثار احمد کهڙو ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران 2 سالن جو 175 ملين جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سال 2008ع کان سنڌ جي مختلف کاتن جون 5 هزار آڊٽ پيرائون التوا ۾ پيل آهن ۽ مختلف کاتا آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪري پي اي سي ۾ پنهنجن کاتن جي بيعزتي ڪرائي رهيا آهن. اهڙن غفلت جي مرتڪب آفيسرن کي گهر موڪلڻ گهرجي. پي اي سي پوسٽ مين ناهي ان لاءِ پي اي سي کي مذاق سمجهڻ بند ڪيو وڃي، اجلاس دوران ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري سليم راجپوت وقت تي رڪارڊ فراهم نه ٿيڻ تي پي اي سي کان معذرت ڪئي ۽ رڪارڊ جي فراهمي لاءِ مهلت ڏيڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي پي اي سي ايڪسائيز کاتي کي رڪارڊ جي فراهمي لاءِ 18 نومبر تائين مهلت ڏيندي کاتي جي آڊٽ پيرائن جي جائزي لاءِ ايندڙ اجلاس 18 نومبر تي طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.