ميرپورماٿيلو ( رپورٽ : خالد وسير) ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومري ڏوھ ٿيڻ جي صورت ۾ گهوٽڪي ضلعي جي اٽڪل 300 ڌاڙيلن جي مختلف ڏوهاري گينگ ۾ شامل ڏوهارين جي چڱن مڙسن ۽ سردارن کي گرفتار ڪري 109 ۾ چالان ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گهوٽڪي ضلعي ۾ نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو چارج وٺندي ئي ضلعي جي ڊي ايس پيز ڊي ايس پي گهوٽڪي, ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو, ڊي ايس پي رانوتي, ڊي ايس پي ڪچو ٻنڊي سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سان ميرپورماٿيلو ايس ايس پي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي . ايس ايس پي گهوتڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو اعلان ڪندي چيو ته ضلعي ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ڌاڙيلن جن ۾ شر, جاگيراڻي, سندراڻي, انڍڙ ڌاڙيلن جون مختلف ڏوهاري گينگ آهن گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪنهن به علائقي ۾ قتل ٿيو, پوليس مٿان حملو,اغوا, ڌاڙي, ڦر ۽ چوري جي وارداتن سميت ڪو به ڏوھ ٿيو ته ملوث ڌاڙيلن, ڏوهارين جي سھولت ڪارن, چڱن مڙسن ۽ سردارن کي گرفتار ڪري سيڪشن 109 ۾ چالان ڪيو ويندو, ايس ايس پي گهوٽڪي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي ته اهي ٿاڻي تي فرياد ۽ درخواست کڻي ايندڙن سان سٺو سلوڪ اختيار ڪن. روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪن ۽ سمورا ايس ايڇ اوز پنهنجي حدن اندر پاٿاريدارن جون لسٽون فراهم ڪن . گڏجاڻي ۾ ضلعي جي ڊي ايس پيز توڙي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي .