اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي سروسز چيفس جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف آرمي ايڪٽ ترميم بل 1952 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، پاڪستان نيوي ترميمي بل ۽ سڀني سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.
حڪومت قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سمورا بل ضمني ايجنڊا ذريعي آندا.
قومي اسيمبلي سروسز چيفس جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2024 به منظور ڪيو ويو.
بل تحت پاڪ فوج ۾ جنرل جي رٽائرمينٽ جا قاعدا آرمي چيف تي لاڳو نه ٿيندا، مقرري، ٻيهر مقرري يا واڌ جي صورت ۾ آڙمي چيف جنرل طور ڪم ڪندو رهندو.
ان کانسواءِ ايوان پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۽ پاڪستان نيوي ترميمي بل به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، اسپيڪر بلن جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
Prev Post