ڪمپالا (ويب ڊيسڪ) يوگنڊا ۾ چرچ تي کنوڻ ڪرڻ سبب 14 ڄڻا فوت ۽ 34 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب افسوسناڪ واقعو يوگنڊا جي اتر اولهه ۾ پالابيڪ مهاجر ڪيمپ ۾ پيش آيو، جتي هن وقت 80 هزار کان وڌيڪ پناهگير رهن ٿا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پالابيڪ مهاجر ڪيمپ جا متاثر 2 ڏينهن اڳ چرچ ۾ مذهبي رسمن جي ادائيگي ۾ مصروف هئا ته تيز برسات ۽ کنوڻ پئي.
رپورٽن موجب ان دوران کنوڻ ڪِرڻ سان 14 ڄڻا فوت، جڏهن ته 34 زخمي ٿي پيا.
يوگنڊا پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته فوتين ۾ 13 ٻار شامل آهن.
You might also like