اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي سروسز چيفس جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
بچاءَ واري وزير خواجا آصف آرمي ايڪٽ ترميم بل 1952 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، پاڪستان نيوي ترميمي بل ۽ سڀني سروسز چيفس جي ملازمت جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو.
حڪومت قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سمورا بل ضمني ايجنڊا ذريعي آندا.
قومي اسيمبلي سروسز چيفس جو مدو 5 سال ڪرڻ جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2024 به منظور ڪيو ويو.
بل تحت پاڪ فوج ۾ جنرل جي رٽائرمينٽ جا قاعدا آرمي چيف تي لاڳو نه ٿيندا، مقرري، ٻيهر مقرري يا واڌ جي صورت ۾ آڙمي چيف جنرل طور ڪم ڪندو رهندو.
ان کانسواءِ ايوان پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۽ پاڪستان نيوي ترميمي بل به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو، اسپيڪر بلن جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
Prev Post
					You might also like