اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جو شاهد خٽڪ ۽ ن ليگ جو عطا تارڙ هٿين پئجي ويا.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ حڪومت طرفان مختلف بل ضمني ايجنڊا ذريعي آندا ويا، جنهن دوران اپوزيشن گوڙ ڪيو، اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو شاهد خٽڪ ۽ ن ليگ جو عطا تارڙ هٿين پئجي ويا، حالتون خراب ٿيڻ تي سارجنٽ ايٽ آرمز ايوان ۾ داخل ٿي ويا.
ايوان ۾ ٻنهي پاسن کان سخت نعريبازي ڪئي وئي.
You might also like