ورڌيمن ساها هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ورڌيمن ساها هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب ورڌيمن ساها رانجي ٽرافي جي هلندڙ سيزن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندو.
رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي ورڌيمن ساها چيو ته هي منهنجو آخري ڪرڪيٽ سيزن هوندو، منهنجو ڪيريئر شاندار رهيو، سپورٽ ڪرڻ تي سڀني جا ٿورا مڃان ٿو.
واضح رهي ته ورڌيمن ساها 40 ٽيسٽ ۽ 9 ون ڊي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.