ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄام صادق پل وٽ زيرو پوائنٽ کان ڪاٺوڙ تائين تعمير هيٺ 39.889 ڪلو ميٽر ڊگهي ملير ايڪسپريس وي جو دورو ڪيو ۽ پهرين سيڪشن جي افتتاح ۾ رڪاوٽ بڻيل ڪي اليڪٽرڪ جي ٿنڀن کي نه هٽائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته جڏهن ڪي اليڪٽرڪ کي پول هٽائڻ لاءِ ادائيگي ٿي وئي آهي ته پوءِ دير قبول نه ڪئي ويندي.رستي ۾ ملير ايڪسپريس وي جي ٻنهي پاسن تي قبضا ڏسي وڏي وزير اتي ئي بيهي رهيو، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ڪورنگي کي گهرائي کانئن پڇاڻو ڪيو ته سندن نڪ هيٺ غير قانوني قبضا ڇو ٿي رهيا آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ”مان سرڪاري زمين جو هڪ انچ به قبضو ٿيڻ نه ڏيندس“ هن غير قانوني اڏاوتون ڪيرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.