لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ ن قائد نواز شريف چيو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف محنت ڪري رهيو آهي، ملڪي حالتون ماضي کان بهتر آهن، حڪومت جي ڪوششن سبب مهانگائي ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي، مرڪز ۽ پنجاب ۾ سٺو ڪم ٿي رهيو آهي، پي آءِ اي کي خانگائڻ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو، ملڪ کي هڪ سٺي ايئر لائن ملي سگهي ٿي، مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف آمريڪا جو دورو مڪمل ڪري واپس لنڊن پهچي ويو، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته وزيراعظم شهباز شريف محنت ڪري رهيو آهي، ملڪ جي حالت بهتر ٿي آهي، هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، مرڪز ۽ پنجاب ۾ سٺو ڪم ٿئي پيو، پاڪستان ٻيهر ٽريڪ تي اچي رهيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، نواز شريف وڌيڪ چيو ته مريم نواز پنجاب ۾ سٺو ڪم ڪري رهي آهي، مريم ڏينهن رات هڪ ڪري غريب ماڻهن جي زندگي آسان بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، پنجاب حڪومت پي آءِ اي جي خريداري تي غور جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو ارادو آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته ملڪ کي سٺي ايئر لائن ملندي، ٻي پاسي وزيراعليٰ مريم نواز جو سڀاڻي اڱاري تي لنڊن وڃڻ جو امڪان آهي، هوءَ پنهنجي علاج لاءِ لنڊن وڃي رهي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي ڳلي ۾ انفيڪشن آهي، هوءَ لنڊن ۾ پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي، ذريعن موجب مريم نواز جو وڏ وزارت سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون پرڏيهي دورو هوندو، جيڪو هڪ هفتي تي ٻڌل هوندو.