اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پي آءِ اي هلائڻ يا ٺيڪ ڪرڻ منهنجي ذميواري ناهي پر منهنجي ذميواري رڳو پي آءِ اي کي کپائڻ آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عبدالعليم خان چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ سڄو عمل مڪمل ٿي چڪو هو، نجڪاري جي فريم ورڪ۾ تبديلي جو اختيار ناهي.
هن چيو ته پي آءِ اي جو خسارو عوام نٿو کڻي سگهي، تنهن ڪري ان کي کپائي رهيا آهيون، پي آءِ اي جو خسارو 830 ارب رپيا هو ۽ نجڪاري جو عمل منهنجي اچڻ کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو هو.
سندس چوڻ هو ته مون کي ڪاروبار نه سيکاريو، ڪير آهي جنهن پي آءِ اي کي نقصان نه ڏنو هجي، جن پي آءِ اي سان اهو سڀ ڪجهه ڪيو، اهو مون کي سيکاري رهيا آهن.
You might also like