تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي فورسز کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آيت الله خامنه اي تهران ۾ هڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ايران خلاف قدمن تي اسرائيل ۽ آمريڪا کي سخت جواب ملندو، اسرائيل کي ان جي قدمن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
هوڏانهن آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايران 5 نومبر تي اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو.
آمريڪا ايران کي خبردار ڪندي چيو ته ايران حملو ڪيو ته اسرائيل کي جوابي ڪارروائي کان نٿو روڪي سگهجي.