فيصل آباد ۾ هٿيارن جي زور تي پيزا ڦرڻ جو هڪ ٻيو واقعو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ هٿيارن جي زور تي پيزا ڦرڻ جو هڪ ٻيو واقعو سامهون اچي ويو.
پوليس موجب رات دير سان فون ڪال ذريعي مشهور پيزا برانڊ تي چئن پيزن جو آرڊر ڏنو ويو ۽ ڊليوري بواءِ کي ڪهڪشان ڪالوني ۾ پيزا ڊليور ڪرڻ جو چيو ويو.
پيزا ڊليوري بواءِ عثمان پيزا کڻي پهتو ته موٽر سائيڪل سوار ٻن ڄڻن هٿيارن جي زور تي کائنس پيزا کسي ورتا ۽ فرار ٿي ويا.
پوليس صدر ٿاڻي تي ٻن اڻڄاتل ڦورن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به صدر ٿاڻي جي علائقي سفيان ٽائون ۾ اهڙي ئي قسم جي واردات ۾ ٻن ڦورن 1800 رپيا ماليت جا ٻه پيزا ڦريا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.