مريم نواز جو به لنڊن روانگي جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو 5 نومبر تي لنڊن وڃڻ جو امڪان آهي، جتي هوءَ پنهنجو علاج ڪرائيندي.
ذريعن موجب مريم نواز جو اڱاري تي لنڊن وڃڻ جو امڪان آهي، هوءَ پنهنجي علاج لاءِ لنڊن وڃي رهي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز کي ڳلي ۾ انفيڪشن آهي، هوءَ لنڊن ۾ پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي.
ذريعن موجب مريم نواز جو وڏ وزارت سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون پرڏيهي دورو هوندو، جيڪو هڪ هفتي تي ٻڌل هوندو.
واضح رهي ته نواز شريف 26 آڪٽوبر تي لنڊن، آمريڪا ۽ يورپ جي دورن تي روانو ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.