شادي تي گهوٽ جي دوستن طرفان موبائل فونز سميت ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي برسات

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ ۾ شادي تي گهوٽ جي دوستن ملڪي توڙي پرڏيهي ڪرنسي نوٽن، موبائل فون ۽ ٻئي سامان جي برسات ڪري ڇڏي.
سيالڪوٽ ۾ هڪ شاندار شادي جي تقريب دوران گهوٽ حامد علي جي دوستن ڊالرن، پائونڊن، يورو ۽ پاڪستاني ڪرنسي جي برسات ڪري ڇڏي.
گهوٽ جي دوستن پئسن سان ڀريل ٿيلها کولي ڄاڃين تي ڦٽا ڪري ڇڏيا، لکين رپين جي ڪرنسي نڇاور ڪئي، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڄڃ ۾ سوين ماڻهو شريڪ هئا ۽ ڄاڃي به ان موقعي مان فائدو کڻڻ لاءِ پوئتي نه رهيا، گهوٽ جي دوستن 5 لک رپين جي سلامي جا چيڪ به پيش ڪيا.
ڄڃ ڊسڪه جي علائقي مترانوالي کان گوجرانوالا لاءِ رواني ٿي، گهوٽ جي دوستن شادي جي خوشي ۾ ميرج هال پهچي به نوٽ نڇاور ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.