سنگيتا، ايشوريا ۽ ڪترينا سان بدسلوڪي،اداڪارا سلمان خان جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ سومي علي اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ مٿس سلمان خان طرفان تشدد جو الزام مڙهيو آهي.
سومي علي نوي جي ڏهاڪي جي مشهور اداڪارا ۽ سوشل ورڪر به آهي، سلمان خان ۽ سومي علي جو افيئر اٺن سالن تائين هليو، پر سلمان خان جي زندگيءَ ۾ ايشوريا راءِ جي انٽري کانپوءِ اداڪار جو سومي سان رشتو ختم ٿي ويو جنهن کانپوءِ اداڪرا 1999ع ۾ ڀارت ڇڏي هلي وئي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران سومي علي سلمان طرفان ڪيل بدسلوڪي ۽ تڪليف ڏيندڙ تجربن جو انڪشاف ڪيو .
اداڪارا سلمان خان سان پنهنجي ماضيءَ جي تعلق کي ياد ڪندي ٻڌايو ته هڪ دفعي سلمان خان مون کي ماري رهيو هو ان دوران سندس گهريلو ملازم در کڙڪايو ۽ سلمان خان کي درخواست ڪئي ته مون کي نه ماري، ان کانپوءِ چيلهه ۾ سخت سور رهيو ۽ ڊگهي عرصي تائين بيڊ ريسٽ تي رهيس.
هن چيو ته اداڪارا تبو به سندس حالت ڏسي روئي ويٺي هئي پر سلمان خان مون کي ڏسڻ به نه آيو.
سومي علي انڪشاف ڪيو ته سلمان خان ايشوريا سان به انتهائي بورو سلوڪ ڪيو، باقي ڪترينا ڪيف سان هن ڇا ڪيو ان بابت ڄاڻ ناهي.
اداڪارا چيو ته سلمان خان جيڪو مون سان ڪيو ان کانپوءِ اِهو ئي چئي سگهان ٿي ته لارنس بشنوئي سلمان خان کان بهتر آهي.
هن اِهو به ٻڌايو ته هو سلمان خان سان پنهنجي ماضيءَ جي رشتي تي هڪ ڪتاب لکي رهي آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.