ممبئي (ويب ڊيسڪ ) دنيا جي مهانگي ترين ڪرڪيٽ ليگ آءِ پي ايل ( انڊين پريميئر ليگ ) ته ايندڙ سال ماچر ۾ شروع ٿيندي پر ان کان اڳ فرنچائز رانديگرن جي چونڊ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ پي ايل 2025 جي رانديگرن لاءِ ٿيندڙ وڏي نيلامي هلندڙ ميهني يا ايندڙ مهيني ڊسمبر تائين ٿيڻ جو امڪان آهي، پر گذريل ڏينهن آءِ پي ايل جي سمورين فرنچائز پنهنجي برقرار (retained )رکيل رانديگرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.
10 فرنچائز طرفان برقرار رکيل رانديگرن جي فهرست ۾ اسٽار ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ هاردڪ پانڊيا جا نالا به شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ پي ايل جي فرنچائز ممبئي انڊينز هاردڪ پانڊيا کي ٽيم ۾ برقرار رکڻ لاءِ 16 ڪروڙ 35 لک رپيا ۽ روهت شرما کي برقرار رکڻ لاءِ 16 ڪروڙ 30 لک رپيا خرخ ڪيا جڏهن ته ممبئي انڊينز جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر هاردڪ پانڊيا کي سونپي وئي آهي.
ٻئي پاسي آءِ پي ايل فرنچائز رائل چئلينجر بئنگلورو جي برقرار رکيل رانديگرن جي فهرست ۾ ويرات ڪوهلي شامل آهي جنهن لاءِ فرنچائز 21 ڪروڙ رپين جي وڏي رقم خرچ ڪئي آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي 2008ع ۾ آءِ پي ايل جي پهرئين سيزن کان ئي رائل چئلينجر بئنگلورو سان جڙيل آهي.
ويجهڙائي ۾ بي سي سي آءِ فرنچائيز لاءِ رانديگرن کي برقرار رکڻ بابت نوان ظابطا جاري ڪيا آهن جنهن تحت هڪ فرنچائيز وڌ ۾ وڌ 6 رانديگرن کي ئي برقرار رکي سگهي ٿي.