اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عمران خان سان ملاقات لاءِ وياسين ته چيو ويو سياست تي گفتگو نه ڪريو.
قومي اسيمبليءَ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسد قيصر چيو ته ڪالهه هو عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل ويا پر سندن توهين ڪئي وئي.
هن چيو ته اسان کي چيو ويو ته سياسي معاملن تي گفتگو نه ڪريو،جنهن تي اسان چيو ته ڇا اسان عمران خان سان موسم تي ڳالهه ٻولهه ڪريو؟ اِها اسان جي نه پر پارليامينٽ جي توهين آهي.
You might also like