اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 25 ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، ڪميٽي اڪثريتي راءِ سان سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 25 ڪرڻ جي منظوري ڏني.
ڪميٽي چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ جي 25 ججن ۾ هڪ چيف جسٽس ۽ 24 جج شامل هوندا.
جمعيت علماءَ اسلام ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ججن جو انگ وڌائڻ جي مخالفت ڪئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان جو چوڻ هو ته هنن کي اهڙي قسم جي قانون سازي تي اختلاف آهي، ججن جي مقرريءَ جو اهڙو طريقيڪار عدليا جي آزادي تي حملو آهي.
هن چيو ته ڇويهين آئيني ترميم ذريعي اسان عدليا کي سخت نقصان پهچايو آهي جڏهن ڪنهن ملڪ کي نقصان پهچايو ويندوآهي تڏهن ججن جو انگ وڌايو ويندو آهي ڇو ته مرضيءَ جا فيصلا ناهن ايندا.
جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته انگ وڌائي پنهنجي مرضيءَ جي ججن کي سپريم ڪورٽ آندو پيو وڃي. 25 آڪٽوبر کانپوءِ هاڻي جج بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انگ وڌائڻ جي ضرورت ناهي.
پ پ سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ ججن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 21 لازمي ڪرڻ گهرجي.
اجلاس دوران چيئرمين ڪميٽي قانون واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اخبار ٻڌائي سگهي ٿي ته سٺ هزار ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ته اوهان ڇو نٿا ٻڌائي سگهو؟ اوهان کي انفارميشن لاءِ ڪيترو وقت کپي؟ جنهن تي قانون واري سيڪريٽري چيو ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن هفتن جو وقت ڏنو وڃي.
You might also like